بچا بند شھر

بچا بند (شھر): تعلقي پٿوري، ضلعي عمرڪوٽ جو هي ننڍو شھر، ميرپورخاص کان عمرڪوٽ ويندڙ روڊ تي 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هتان برسات جي پاڻي جو گذر گاهه هجڻ سبب مقامي ڳوٺن کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ انگريزن جي دور ۾ هڪ بند ٻڌو ويو. ڪلهوڙن جي دور ۾، شھر واري هنڌ تي مھاڻن جو وڏو راڄ رهندو هو. جن مان ڪارو مھاڻو بھادر ۽ سخي انسان هو. جيڪو هتان گذر ڪندڙ قافلن کي ترسائي مھماني ڪندو هو. هي وسندي ان وقت ’ڪاروءَ جي چاڙهي‘ سڏبي هئي. ان وقت پاڻي جي ڇن سبب ’پن‘ گهڻي ٿيندي هئي، جنھن مان مقامي مھاڻا تڏا ۽ تؤنريون ٺاهي ڪيترن ئي شھرن ڏانھن موڪلي ناڻو ڪمائيندا هئا. هن شھر جي بنياد وجهڻ جي شروعات ’عثمان ماڇي‘ نالي شخص ڪئي. جنھن ورهاڱي کان پوءِ هتي هوٽل اڏيو. 1971ع کان پوءِ ڪجهه دڪان قائم ٿيا، ائين بازار وڌندي وئي، جنھن ڪجهه سالن ۾ ئي ننڍڙي شھر جي صورت اختيار ڪئي. هي شھر صرف ڪاروباري بازارن ۽ سرڪاري توڙي خانگي ادارن تي مشتمل آهي، جڏهن ته هتي رهائشي آبادي ناهي. آسپاس جي ڳوٺن جا ماڻهو هتي ڪاروبار ڪرڻ ايندا آهن. هتي موجود پرائمري اسڪول اڄ به آڳاٽي نالي ’ڪارو جي چاڙهي‘ سان قائم آهي. هن وقت هتي پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، زرعي دفتر، بنيادي صحت مرڪز، پوليس ٿاڻو ۽ خانگي اسپتالون قائم آهن. هي شھر اولھه ۾ ميرپورخاص، ڏکڻ ۾ ساماري، اتر ۾ پٿوري ۽ اوڀر ۾ عمرڪوٽ شھر سان روڊن رستي ڳنڍيل آهي. زرعي آبادي واري علائقي ۾ هجڻ سبب چڱو واپاري مرڪز پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو